سلامت علي خان استاد

سلامت علي خان استاد

استاد سلامت علي خان

استاد سلامت علي خان: مشھور ڪلاسيڪل راڳي،استاد سلامت علي خان'> استاد سلامت علي خان ولد استاد ولايت علي خان جو واسطو ننڍي کنڊ جي مشھور موسيقار گهراڻي ’شام چوراسيءَ‘ سان رهيو. هن جو جنم، 12 ڊسمبر 1934ع تي گڏيل پنجاب جي ضلعي هوشيارپور جي هڪ ڳوٺ ’شام چوراسيه‘ ۾ ٿيو. شام چوراسيءَ گهراڻي جي ڳائڻ جو انگ اڪبر بادشاهه جي درٻاري ڪلاڪارن چاند خان ۽ سورج خان سان منسوب سمجهيو ويندو آهي.استاد سلامت علي خان'> استاد سلامت علي خان کي چار ڀائر: استاد نزاڪت علي خان، استاد تصدق حسين، استاد اختر علي ۽ استاد ذاڪر علي خان هئا، جن مان استاد نزاڪت علي خان ۽ استاد سلامت علي خان گڏجي، جوڙيءَ جي شڪل ۾ ڳائيندا هئا. هنن ٻنهي ڀائرن پنھنجي والد استاد ولايت علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتي.استاد سلامت علي خان'> استاد سلامت علي خان خيال جي گائڪيءَ جا گُر خاندان جي هڪ بزرگ استاد ميان ڪريم بخش ’مجذوب‘ کان به سکيا. هن ڀاءُ سان گڏجي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو، 1940ع ڌاري هڪ عوامي ميڙ، ماربلب جي ميلي ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. ان محفل ۾ استاد بڙي غلام علي خان، استاد جمال خان، استاد مبارڪ علي خان، استاد توڪل حسين، پنڊت ڪرشنا رائو شنڪر، استاد عبدالعزيز خان ۽ ٻيا گويا موجود هئا. سڀني ٻنهي ڀائرن کي دل سان ساراهيو ۽ دعائون ڏنيون.استاد سلامت علي خان'> استاد سلامت علي خان جو پھريون ريڊيو پروگرام 1942ع ڌاري ’ريڊيو لاهور‘ تان نشر ٿيو، جنھن کانپوءِ 1944ع ۾ بِھار صوبي جي چمپانگر جي راجا هڪ محفل ۾ کيس دعوت ڏئي گهرايو. سندس راڳداريءَ، کيس راجا جي ويجهو آڻي ڇڏيو ۽ راجا کيس، ڀاءُ ۽ پيءُ سميت پاڻ وٽ ٻه مھينا مھمان جي حيثيت ۾ رهائي ڇڏيو. ان دوران ’آل انڊيا ميوزڪ ڪانفرنس‘ جي منتظمين، راجا کي خط لکي سندس رياست جي گوين کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ استدعا ڪئي. موٽ ۾ راجا پنھنجي رياست جي گوين بدران استاد سلامت علي خان ۽ استاد نزاڪت علي خان کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ الهه آباد روانو ڪيو. ٻنهي ڀائرن گورکپور ۾ ڪانفرنس دوران فن جو مظاهرو ڪيو، اُتي سندن والد سخت بيمار ٿي پيو. وطن واپس ورڻ وقت سفر دؤران ٽرين ۾ ئي استاد ولايت علي خان رامپور ويجهو وفات ڪئي. ٻنھي ڀائرن سفر مختصر ڪري، مراد آباد ۾ پنھنجي پيءُ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سلامت علي خان جو خاندان ورهاڱي وقت لاهور ۾ اچي آباد ٿيو. هي ٻئي ڀائر ريڊيو پاڪستان لاهور تي آيا، پر انچارج بي قدريءَ جو مظاهرو ڪندي کين واپس ڪري ڇڏيو. اُن رويي سبب ٻئي ڀائر دل شڪسته ٿيا ۽ لاهور ڇڏي پيرن فقيرن جي نگري ملتان ۾ اچي ديرو ڄمايائون. اڳتي هلي نيٺ هڪ ڏينھن ريڊيو پاڪستان لاهور پاران کين دعوت ڏئي گهرايو ويو، جنھن کانپوءِ سندن ميڊيا جو سفر مسلسل جاري رهيو. 1954ع کان استاد سلامت علي خان کي هندستان جي مختلف شھرن ۾ منعقد ٿيندڙ ’آل انڊيا ميوزيڪل ڪانفرنسن‘ جي سلسلي ۾ ڪلڪتي، بنارس، ناگپور، الهه آباد ۽ ٻين شھرن ۾ دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. ان دؤر ۾ هڪ ڀيري بمبئيءَ ۾ 21 ڏينھن جي ميوزڪ ڪانفرنس هلندڙ هئي، ڪانفرنس جي آخري ڏينھن تي استاد سلامت علي خان ۽ استاد نزاڪت علي خان کي ٻڌڻ لاءِ لتا منگيشڪر، محمد رفيع، مڪيش، هيمنت ڪمار، مدن موهن، شنڪر جئه ڪشن، وسنت ڊيسائي، سجاد حسين ۽ ٻين وڏن ڪلاڪارن ۽ موسيقارن خاص طور تي شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ لتا منگيشڪر ۽ راجڪپور خصوصي طور پنھنجي رهائش گاهن تي ٻنھي ڀائرن جون الڳ الڳ محفلون ڪرايون.استاد سلامت علي خان'> استاد سلامت علي خان کي 22 سالن جي عمر ۾، 1956ع ۾ آل انڊيا ميوزڪ ڪانفرنس ڪلڪتي ۾ ’استاد‘ جو لقب مليو. 1961ع ۾ استاد سلامت علي خان کي حڪومت پاڪستان صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي ڏنو. کيس افغانستان جو سرڪاري اوارڊ ’تمغه هنر‘ پڻ ملي چڪو آهي. حڪومت پاڪستان ويجهي ماضيءَ ۾ کيس ’ستاره امتياز‘ پڻ ڏنو آهي. 1983ع ۾ استاد نزاڪت علي خان جي وفات کان پوءِ استاد سلامت علي خان اڪيلو ٿي پيو. لنڊن جي هڪ محفل ۾ ڳائڻ دوران مٿس فالج جو حملو ٿيو. علاج ڪرائڻ کانپوءِ سندس صحت ۾ جڏهن سڌارو آيو ته هن ڀاءُ استاد نزاڪت علي خان جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پنھنجي پٽ شرافت علي خان کي پاڻ سان گڏ ڳارائڻ شروع ڪيو.استاد سلامت علي خان'> استاد سلامت علي خان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي هر صنف: خيال، درپد، ٺمري، دادري ۽ ڪافيءَ تي پوري مھارت سان ڳائيندو هو. هن 11 جولاءِ 2001ع تي وفات ڪئي. سندس لائق فرزند شرافت علي خان ۽ شفقت علي خان هن وقت ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا اهم راڳي مڃيا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.12  عيسوي

مشهور ڪلاسيڪل راڳي، استاد سلامت علي خان ولد استاد ولايت علي خان جو واسطو ننڍي کنڊ جي مشهور موسيقار گهراڻي ’شام چوراسيءَ‘ سان رهيو. هن جو جنم، 12 ڊسمبر 1934ع تي گڏيل پنجاب جي ضلعي هوشيارپور جي هڪ ڳوٺ ’شام چوراسيءَ‘ ۾ ٿيو.


2001.07.11  عيسوي

استاد سلامت علي خان 11 جولاءِ 2001ع تي وفات ڪئي. سندس لائق فرزند شرافت علي خان ۽ شفقت علي خان هن وقت ڪلاسيڪل موسيقيءَ جا معتبر راڳي مڃيا وڃن ٿا.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهڏنو خاصخيلي
بينجمن سسٽرز
عابده پروين
بالي اقبال
ديبا ڪنول
بشير احمد سولنگي
خليفو لائق ڏنو
دين محمد خان استاد
ذوالفقار علي
طاهره سيد
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون